مٽياري جي شاگردن جي مان تقريب
مٽياري( رپورٽ ) مٽياري ويجهو شاهپور درپور جي هاء اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي مان ۾ فارويل پارٽي جو احتمام ڪيو ويو پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف خاڪه ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪري داد ماڻيو پروگرام جا مهمان خاص زين العابدين لغاري ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪولز حيدرآباد هئا جڏهن ته مهمانن ۾ سيد فضيل حبيب شاھ. حاجي يوسف خاصخيلي. ذوالفقار کٽياڻ. ڀورو مل. سيد عبدالقادر شاھ. غلام محمد ڳاهو. علي شير ٽڳڙ ۽ محمد قاسم ڏيٿو هئا پروگرام ۾ اسڪول جي شاگردن چندر. سني. ڪومل. رقيه. شازيه. آذان علي ۽ ٻين مختلف خاڪه. ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪري داد وصول ڪيو پروگرام ۾ خطاب ڪندي اسڪول جي ايس ايم سي جي چيئرمين اسڪول جي مسئلن بابت آگاهي ڏني هن جو چوڻ هو ته شاهپور شهر جهڙي هيڏي وڏي شهر ۾ ڪو گرلس هاء اسڪول ناهي جنهن سبب اسان بوائز اسڪول ۾ ڪو ايجوڪيشن جو سسٽم شروع ڪيو ٻهراڙي جي ماحول سبب ڪافي مشڪلاتن باوجود اسان ان کي جاري رکيو اچون هن چيو ته اسان کي گرلس هاء اسڪول جي تمام گهڻي ضرورت آهي هن چيو ته اسان جي هاء اسڪول ۾ واش روم جي سهولت ناهي جنهن سبب اسان جو شاگردياڻيون ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن جڏهن ته اسان جي هاء اسڪول ۾ بجلي جو نظام آهي ئي ڪونه جنهن سبب اهڙي موتمار گرمي ۾ شاگرد تڙپندي به تعليم جاري رکيو اچن اسان جي هاء اسڪول ۾ نه ليبارٽري آهي ۽ نه ئي سائنس ٽيچر آهي نه اسپورٽس جو سامان آهي هن چيو ته اسان جي اسڪول ۾ ڪافي انتظامي پوسٽون خالي پيون آهن جنهن سبب اسڪول جو ڪاروهنوار هلائڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر زين العابدين لغاري جو چوڻ هو ته هن اسڪول جي شاگردن ۾ ڪافي ٽيلينٽ آهي ان کانسواءِ اسڪول ۾ ڪافي مسئله به آهن مان ڪوشش ڪري اهي سمورا مسئله مرحليوار حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.
Great post however , I was wanting to know if you could write a little more on this subject? I’d be very thankful if you could elaborate a little bit further. Bless you!
ReplyDeleteSindh news
Daily sindhi news
Sindhi Breaking News
https://onlineindus.com/Sindhi/