Posts

Showing posts from March, 2019

شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي امله ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 33هين ورسي ملهائي وئي

Image
شيخ ڀرڪيو(رپورٽر) شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي امله ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 33هين ورسي ملهائي وئي.ورسي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ دعا گهري وئي.ورسي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب جي صدر ايڊووڪيٽ عباس ٿهيم , جنرل سيڪريٽري غلام مصطفئ ڪاتيار , ايس ٽي پي اڳواڻ اورنگزيب شيخ , ايم اشرف عمراڻي , جان محمد خاصخيلي , سلام الله ٿهيم , اي ڊي شاهاڻي ,حسين بخش ٿهيم , جنيد حاڪم خاصخيلي , عاشق علي ٿهيم , رضوان شيخ , نادر ٿهيم , بابو وساڻ , نم سنڌي , راجو ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان جي ڌرتي جو بي باڪ ۽ جاکوڙي ڪردار هو.جنهن ڌرتي جي غريبن لاءِ هر موڙ تي عملي ڪم ڪيو.ڪامريڊ صحافي , وڪيل , سماجي ورڪر , جج توڙي هاري اڳواڻ ٿي عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو.هن دور ۾ وڏين مشڪلاتن باوجود غريبن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي پنهنجو نالو سنهري اکرن ۾ لکرايو.هنن چيو ته جن ماڻهن مخلتف مورچن تي اڳيان اچي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪيو هجي انهن جي لسٽ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو نالو سرفهرست آهي.هنن چيو ته پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي مير نادر علي ابڙو ۽ زاهده تاج ابڙو ڪ...

مٽياري جي شاگردن جي مان تقريب

Image
مٽياري( رپورٽ ) مٽياري ويجهو شاهپور درپور جي هاء اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي مان ۾ فارويل پارٽي جو احتمام ڪيو ويو پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف خاڪه ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪري داد ماڻيو پروگرام جا مهمان خاص زين العابدين لغاري ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪولز حيدرآباد هئا جڏهن ته مهمانن ۾ سيد فضيل حبيب شاھ. حاجي يوسف خاصخيلي. ذوالفقار کٽياڻ. ڀورو مل. سيد عبدالقادر شاھ. غلام محمد ڳاهو. علي شير ٽڳڙ ۽ محمد قاسم ڏيٿو هئا پروگرام ۾ اسڪول جي شاگردن چندر. سني. ڪومل. رقيه. شازيه. آذان علي ۽ ٻين مختلف خاڪه. ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪري داد وصول ڪيو پروگرام ۾ خطاب ڪندي اسڪول جي ايس ايم سي جي چيئرمين اسڪول جي مسئلن بابت آگاهي ڏني هن جو چوڻ هو ته شاهپور شهر جهڙي هيڏي وڏي شهر ۾ ڪو گرلس هاء اسڪول ناهي جنهن سبب اسان بوائز اسڪول ۾ ڪو ايجوڪيشن جو سسٽم شروع ڪيو ٻهراڙي جي ماحول سبب ڪافي مشڪلاتن باوجود اسان ان کي جاري رکيو اچون هن چيو ته اسان کي گرلس هاء اسڪول جي تمام گهڻي ضرورت آهي هن چيو ته اسان جي هاء اسڪول ۾ واش روم جي سهولت ناهي جنهن سبب اسان جو شاگردياڻيون ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن جڏهن ته اسان...

ڀان سيد آباد ۾ ڪارنهن الزام ۾ هڪ ٻئي حوا ڄائي بيدردي سان قتل

Image
ڀان سيدآباد(رپورٽر) ڀان ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ حوا جي نياڻي  کي ڪهاڙيون کڻي قتل ڪيو ويو آهي . علائقي  ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته نوجوان ناري کي  پنهنجي ئي برادري جي هڪ نوجوان سان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي  ٻڌايو پيو وڃي ته شاهاڻي برادري جي هڪ شخص پنهنجي ڪنواري ڌي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ  ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو جنهن جو لاش ڪاڇي جي شهر  ڇني ۾ رات جي پيٽ ۾ دفنايو ويو  ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ڀان ٿاڻي جي پوليس نياڻي جي خون جو لکين رپين ۾  سودو ڪندي  نياڻي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بجاء ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان ۽ سندس وارثن مٿان نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو آهي  سنڌ جي ساڃاھ وندن ، انساني حقن لاء ڪم ڪندڙ ادارن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پرچار ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن کي منهنجي اهيا اپيل آهي ته هن معاملي جو جانچ ڪرائي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ پوليس سميت ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. آصف جمالي

خانواهڻ شھر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ڪاروبار متاثر عوام پريشان شھري اتحاد پاران سيپڪو عملدارن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان

خانواهڻ (رپورٽر) خانواهڻ شھر ۾  هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ڪاروبار متاثر عوام پريشان شھري اتحاد پاران سيپڪو عملدارن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان. خبر موجب ضلعي نوشهرو فيروز جي ڪاروباري شھر خانواھڻ ۾ روزانو 20 کان 22 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار متاثر گھرن مسجدن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب عوام پريشان خانواهڻ فيڊر جي ايل ايس ايس ڊي او ۽ نوشهروفيروز ڊويزن جي سيپڪو عملدارن پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شڪايتن جو تدارڪ نہ ٿيڻ تي خانواھڻ شھري اتحاد جي اڳواڻن منظور احمد عباسي سيد عاشق علي شاه عبدالحفيظ سهتو غلام نبي سولنگي عبدالجبار ڪونڌر ۽ بشير احمد ڀٽي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ خانواھڻ فيڊر جي ايل ايس ۽ سيپڪو عملدارن جي ملي ڀڳت سان خانواھڻ شھر ۾ روزانو 20 کان 22 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي خانواھڻ شھر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف ڪافي دفعا سيپڪو اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن ڪو بہ تدارڪ نہ ٿو ڪيو وڃي اڳواڻن وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو تہ خانواھڻ شھر مان هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم نہ ٿيڻ جي صورت ۾ جلد سيپڪو اختيارين خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.   

حيدرآباد بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان جو شيڊيول جاري

Image
حيدرآباد (تعليمي ڊيسڪ) حيدرآباد بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان2019 جو ٽائم ٽيبل جاري پھريون پيپر 25 مارچ 2019 تي ٿيندو.

شاگردن_لاءِ_خوشخبري

Image
سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ جيڪي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. انهن لاءِ يونيورسٽي ۾ مفت پڙهائي حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل آئيني درخواست نمبر 2013/2248 تي سنڌ هائي ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ۽ عشر زڪوات اداري کي سنڌ هائي ڪورٽ سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي تہ اهڙن سمورن شاگردن کي جيڪي غريب گھراڻي سان تعلق رکن ٿا انهن جي تعليم جو سمورو خرچ عشر ۽ زڪوات ڀريندي، کين وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو تہ 3 مهينن ۾ شاگردن جي لاءِ انٽرنيٽ تي ويبسائيٽ ٺاهي وڃي، تہ جئين سنڌ جي سمورن غريب گهرن سان تعلق رکندڙ شاگرد سرڪار طرفان تعليم لاءِ ڏنل وضيفو حاصل ڪري سگهن. انهيءَ ڪيس ۾ اها ڳالھ بہ مڃي وئي تہ ڪاليج سائيڊ ۾ ٿيندڙ بي اي، ايم اي، بي ايس سي، بي ايڊ، ايم ايڊ سميت سمورين امتحانن جي فيس بہ عشر ۽ زڪوات ادارو ڀريندو. اهڙا نوجوان جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا پر مالي مشڪلات جي ڪري سندن تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب اڌورو رهجيو وڃي انهن جو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جو خواب هاڻي پورو ٿيندو. اهو بہ سرڪاري خرچ تي. عشر ۽ زڪوات اداري کان اهڙا فارم جنهن جي ذريعي پڙهائي جو خرچ حاصل ڪري سگهبو اهي هائي ڪورٽ ذريعي حاصل ڪيا ويا آهن. جيڪي توها...

برسات ڪاڇي واسين جا اهنج وڌائي ڇڏيا

Image
ٽنڊورحيم خان(رپورٽر) برسات ختم ٿي وئي پر ڪاڇي واسين جون تڪليفون ختم نه ٿيون,برسات بعد ڪاڇي جي جابلو پٺي کان وهي آيل نئين انگئي نئين نئنگ ,گاج سميت مختلف نيون وهي اچڻ سبب ڪاڇي جي 10 کان مٿي ڳوٺن جا رستا اڃيان تائين بحال ٿي نه سگهيا, جنهن ڪري ڪاڇي جي مختلف يونين ڪائونسل ٽنڊورحيم خان, ساوڙو ۽ ڇني , شاه حسن جي مختلف ڳوٺن جو جوهي دادو کان زميني رابطو ڪٽيل آھي,جڏهن ته ساوڙو, عمر بزدار سجاول آلکاڻي سميت مختلف ڳوٺن جا  معصوم ٻارڙا سخت سيءۡ ۾ به نئين جو پاڻي ڪراس ڪري اسڪول وڃڻ تي مجبور آھن, ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب ڪاڇي هن جديد دور ۾ به روڊ رستن جي سهولتن کان محروم آھي هنن چيو ته ڪاغذي ڪارواين ۾ ڪاڇي جا روڊ رستا ظاهر ڪري ڪروڙين روپيه هڙپ ڪيا وڃنن ٿا پر ڪاڇي جي اصل حالت هي آھي جو معصوم ٻارن کي به نئين جو پاڻي ڪراس ڪري اسڪول وڃڻو پئجي رهيو آھي ڳوٺاڻن وس وارن اختيارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پاڻي هيٺ آيل رستن کي فوري طور بحال ڪرائي ڪاڇي واسين جي پريشاني ختم ڪرائي وڃي

ایس ٽي پي سکر پاران رحمان کوسو تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

Image
سکر(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر پاران سيشن ڪورٽ سکر ۾ ايس ٽي پي سکر اڳواڻ رحمان کوسو تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف پريس ڪلب سکر اڳيان ضلع صدر وحيد کوسو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري مطالبو ڪيو ايس ٽي پي اڳواڻ رحمان کوسو تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. 

اوچا ڳاٽ سندائين رهندا ڪتاب جي تقريب مهورت

Image
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ سنڌ فرنينڊز آرگنائيزيشن حيدرآباد ۽ سنڌ آرٽس لٽريچر ڪچرل فائونڊيشن پاران مزاحمتي شاعر ۽ قومپرست اڳواڻ خير محمد عاشق سولنگي جي شعري جي مجموعي "اوچا ڳاٽ سدائين رهندا" جي مهورتي تقريب 10 مارچ تي شام 5 بجي سنڌ لئنگويج اٿارٽي هال ۾ ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ناليوارا شاعر ۽ اديب شرڪت ڪندا

ڄام ساقي جي پهرين ورسي اڄ ملائي پئي وڃي

Image
حيدرآباد (رپورٽر) سڄي سنڌ جدوجهد ۾ رهندڙ ڪردار ۽ ڪميونسٽ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڄام ساقي جي پهرين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، ڄام ساقي جي رشتيدارن ۽ دوستن پاران ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ڄام هائوس تي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن بعد 2 کان 3 بجي جي وچ۾ ڄام ساقي جا ساٿي ۽ تحريڪ جا دوست گڏجي قافلي جي صورت ۾ سندس آخري آرامگاهہ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندا ۽ شام جو سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ڄام ساقي جي زندگي تي روشني وجهندا. 

"تحفظ ڏيو" اسلام ڪوٽ جي ناري مڙس ۽ ڏير جي تشدد کان تنگ ٿي پريس ڪلب پهتي

Image
اسلام ڪوٽ (رپورٽر) اسلام ڪوٽ ۾ مڙس ۽ ڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي عورت پنهنجي والدين سان گڏ اسلام ڪوٽ ميڊيا سينٽر پهتي ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي نرملامينگهواڙ چيو تہ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ بورلي موسوپوٽو جي رهائشي سان 2 سال اڳ منهنجي شادي ٿي ۽ منهنجي ڀيڻ جي شادي مٺي ۾ ٿي مگر ڪجھ منهنجي ڀيڻ کي ڀڀيڻوي قتل ڪري خودڪشي جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ۽ ان جو فيصلو ٻہ ڊاڪٽر مهيش وٽ رکيل آهي 2 سال گذرڻ باوجود ان جو فيصلو نہ ٿيو آهي ٻئي طرف منهنجو مڙس مونکي مسلسل تشدد ڪندو هو بل آخر تنگ ٿي آئون ظلم ۽ تشدد کان تنگ ٿي والدين وٽ پناهہ ورتم، منھنجو گهر واري ۽ سندس گهروارن سان ڪو تعلق ناهي آئون پنهنجي والدين سان رهڻ چاهيان ٿي مون کي گهرواري ۽ ڏير کان جان جو خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي.

ڄام نواز علي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڱ، ڌرڻو، روڊ بنڊ

ڄام نوازعلي (رپورٽر) ٻيراڻي مين روڊ لڳ  ڳوٺ سهڻي ڊوروتي   بي سيڪشن پوليس  جي چڙهائي  ڪري 16 سالا محبوب خاصخيلي جي گرفتاري  خلاف  خاصخيلي برادري جو ڌرڻو مين روڊ ٽي ڪلاڪ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي  سائين بخش خاصخيلي، يارو خاصخيلي  ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾  بي سيڪشن پوليس خلاف سهڻي ڍوري وٽ ٻيراڻي مين روڊ بلاڪ ڪري  احتجاجي مظاهرو ڪري بي سيڪشن پوليس خلاف ڇٽي نعري بازي ڪئي انهن وڌيڪ چيو ته پوليس بينگاھ 16  سالا محبوب خاصخيلي کي  سخت مارڪٽ ڪري  کڻي وئي انهن وڌيڪ چيو ته جيستائين نوجوان کي بي سيڪشن پوليس آزاد نه ڪندي اوسين تائين روڊ بلاڪ رهندو روڊ بلاڪ هئيڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳيون ويون جنهن سان عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو ٻئي طرف ڊي ايس پي  ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي ۽ ايس ايڇ او ٻيراڻي  نبي بخش لاشاري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري  روڊ کولرايو مظاهرين کي يقين ڏياريو ته بيگناھ تنگ ڪندڙ پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي جنهن به بعد روڊ کوليو ويو.

ٽريفڪ پوليس جو ڪارنامو،

Image
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ٽريفڪ پوليس جو ڪارنامو، مريض کي کڻڻ لاءِ آيل خادمين سنڌ فائونڈیشن جي ايمبولينس کي ٽريفڪ پوليس وارا کڻي ويا، جڏهن تہ مريض کي اسپتال منتقل ڪرڻ نہ ڏنو ويو

حيدرآباد ۾ عورتن جي آزادي جي حوالي سان ريلي

Image
حيدرآباد (رپورٽر) عورت جي ڏهاڙي جي حوالي سان حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي تفصيل موجب حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي مصروف چوڪ تي سول سوسائٽي جي ميمبرن عبدالرزاق عمراڻي، عرفان ملاح، امر سنڌو ۽ ٻين سميت انگ ۾ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن عورتن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.

پريمي جوڙو تحفظ لاءِ حيدرآباد پريس پھتو

Image
حيدرآباد (رپورٽر) ڪراچي جي ناري ناديه ۽ ڊگھڙي جي نوجوان نعمان علي پيار جو پرڻو ڪر  ي جنهن بعد پريمي جوڙي حيدرآباد پپريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ۽ تحفظ لاء پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو تہ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. 

هاڻي فلور ملڻ جا بہ افتتاح ٿيڻ لڳا

Image
سانگهڙ(رپورٽر) جڏهن کان فوٽو سيشن جو دورو آيو آهي تہ هر شي فوٽو لاءِ ٿي وئي آهي هاڻي ڏيو فلور ملن جه ٻہ افتتاح ٿيڻ لڳا آهن، گذريل ڏينهن اڳوڻو صوبائي وزير نگران خير محمد جوڻيجو ڪنڊياري لڳ نئين تعمير ٿيل خير محمد جوڻيجو مارڪيٽ ۾ سيٺ رتن ڪمار جي فلور مل جو افتتاح ڪيو افتتاحي تقريب ۾ علائقي جي معززين شهرين ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. 

ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ ايوب عمراڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

Image
مانجھند( رپورٽر) شاھ اويس آرٽ سرڪل مانجهند پاران 9 مارچ تي منجهند 2 وڳي سنڌ جي  نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ايوب عمراڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو رکيو ويو آھي، جنهن ۾ مقرر ايوب عمراڻي جي قلمي پورهئي تي روشني وجهندا. 

بدين ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

Image
بدين (رپورٽر) بدين پاڻي جي هٿرادو کوٽ غير قانوني دڪن ڪٽن خلاف هزارين ماڻهن اللہ والا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ محترم شاهنواز سيال سئنير اڳواڻ محترم علي حيدر پنهور ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن  ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جارڪنن جي ڀرپور شرڪت اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته غير قانوني لڳل دڪن ڪٽن ۽ فلڊ ڪئينال فوري طور بند ڪري بدين جي پوڇڙ تائين حصي جو مڪمل پاڻي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سول اسپتال ڪنڌڪوٽ انتظاميه خلاف اڄ 42هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال، ڪنهن نوٽيس نه ورتو

ڪنڌڪوٽ (پ ر ) ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اڄ 42هين ڏينهن به ضلع پيربخش بھلڪاڻي ديدار علي سبزوئي، امداد کوسو، قمرالدين سھرياڻي معشوق ڀيو، اصغر سبزوئي نورحسن سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال جاري، ڊي سي ڪشمور سميت اعليٰ آفيسرن نوٽيس نه ورتو، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايم ايس نظير اعواڻ تي ڪرپشن ڪيس داخل هئڻ باوجود هو ايم ايس ڪنڌڪوٽ مقرر آھي، نظير اعواڻ وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ مصروف آھي، ڇتي ڪتي جا ڏاڙھيل مريض تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا پر کين ويڪسينون نه ٿيون ملن، هنن چيو ته اسپتال ۾ لکين روپين جون ڊائيلاسز مشينون موجود آھن پر انهن کي استعمال نه ٿو ڪيو وڃي، اسپتال ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر پروائيٽ ڪلينڪون هلائڻ ۾ مصروف آھن، جڏھن ته ايمرجنسي وارڊ ۾ به ڊاڪٽرن بجاءِ پٽيوالا مريضن جي ملم پٽي ڪندا آھن، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان، صحت کاتي سنڌ، ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کي لکت ۾ به ڏنو آھي پر تنهن هوندي به ڪنھن نوٽيس ناهي ورتو، اسان صحت کاتي سنڌ جي وزير عذرا پيچوهو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ راجا طارق حسين چانڊيو ۽ ٻين کان مطالبو ڪريون ٿا ته نوٽيس وٺي ايم ايس نظير اعواڻ خلاف ڪارروائي ...

۔۔۔۔۔ اوزون ( Ozone ) ۔۔۔۔

Image
اوزون گئس، آڪسيجن جي ٽن ائٽمن جي ملڻ سان ٺهي ٿي. اوزون جو تهه، اوزن گئس جو ٺهيل هوندو آهي.  اوزون جو وڌ ۾ وڌ مقدار ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان 15 کان 60 ڪلو ميٽر مٿي، ڌرتيءَ جي چؤگرد ڇَٽَ جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ”اوزونو اسفيئر“ (Ozonosphere) سڏيو ويندو آهي.  اوزون جو تهه سڀ کان پهرين هڪ فرانسيسي، علمِ طبعي جي ماهر ”چارلس فئبري“ 1913ع ۾ لڌو.  هوا جي هڪ ملين حصي ۾، اوزون هڪ حصي جي حساب سان موجود ٿئي ٿي، ايتري تڇ مقدار ۾ موجود هوندي به سج جي ساڙيندڙ الٽرا وايو ليٽ ڪرڻن کي اثرائتي نموني جذب ڪري، زمين تي پهچڻ نٿي ڏئي. قدرتي طور جڏهن سج جا الٽرا وايوليٽ ڪرڻا وايومنڊل ۾ موجود آڪسيجن سان لڳن ٿا، تڏهن ”اوزون“ پيدا ٿئي ٿي. سج جي روشنيءَ ۽ وايومنڊل ۾ قدرتي طور موجود نائٽرس آڪسائيڊ جي مختصر مقدار کان سواءِ ڪن ڪيميائي مادن جي موجود هجڻ سبب گهڻو وقت جٽادار رهي نٿي سگهي، ائين قدرتي وايومنڊل ۾ ”اوزون“ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو عمل ۽ توازن برقرار رهي ٿو. اوزون جو ڇَٽ سججا 99 سيڪڙو ڪرڻا جذب ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي هونئن انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن لاءِ موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته منجهانئس سج جا ا...

سانگهڙ ۾ تعليمي ايمرجنسي جي پت وائکي

Image
پيرونمل(رپورٽر) سانگهڙ ۾ تعليمي ايمرجنسي جي پت وائکي تفصيل موجب پيرونمل ويجهو ڳوٺ اميربخش جوڻيجو جي اسڪول جي بلڊنگ تباهي منظر تعليم متاثر اسڪول جي بلڊنگ ۾ ديون جي وڻن جو ٻيلو لڳل سانگهڙ انتظاميا خاموش تمائي بڻيل هتان رهواسين فقيرغلام حسين جوڻيجو فقير ذالفقارجوڻيجو علاغلام ڪهيري امام بخش ڪهيري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان اسڪول بند آهي جنهن سبب اسان جي معصوم ٻارن جو مصتقبل تباه ٿي رهيو آهي ڪا به واهر ناهي جڏهن ته هنن وڌيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ حڪومت تعليم جي وزير سردارشاه ڊي سي سانگهڙ ۽ هتان جي چونڊل نمائيدن کي اپيل ٿا ڪيو ته جلد نوٽيس وٺي اسان جي اسڪول جي مرمت ڪرائي ان سان گڏ استاد سميت فرنيچر ۽ ٻي کوٽ ختم ڪري اسڪول کولايو وڃي ته جيئن اسان معصوم ٻار سٺي نموني تعليم پرائي پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن. 

حيدرآباد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٽي اي او ۽ ٻين تقريرن ۾ ڀرتي لاءِ ڏنل اشتهار خلاف احتجاج

Image
حيدرآباد (رپورٽر) تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر، اسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ لاءِ آيل اشتهار خلاف نوجوان جي وڏي تعداد حيدرآباد پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي تعليم کاتي ۾ ڀرتين واري ٻٽي پاليسي ۽ مئنيجمينٽ ڪيڊر خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.نوجونن جو چوڻ ھو تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر جي 194، اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر جي 128 ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ لاءِ 1148 جاين لاءِ اشتهار شايع ڪيو ويو آهي.جنھن منجه تاريخ۾پهريون ڀيرو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر۽ اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر لاءِ گھربل قابليت ۾ غير معروف۽ مخصوص ڊگريون ڄاڻائي ايجوڪيشن سان لاڳاپيل پروفيشنل ڊگريون جھڙوڪ بي ايڊ ۽ ھڪ سال ايم ايڊ جي شرط کي خارج ڪيو ويو آهي.جڏھن ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ لاءِ ايم ايڊ 2 سال جو شرط نھايت ئي غير ضروري آهي ان موقعي احتجاج ڪندڙ جو وڌيڪ چوڻ هو تہتعليم کاتي ۾ ڀرتين وارين پاليسي ۽ مئنيجمينٽ ڪيڊر کي رد ڪريون ٿا، هنن چيو تہ اشتهار ۾ غير معروف ۽ مخصوص ڊگريون جو شرط ڄاڻائي عام پڙھيل لکيل نوجوانن جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي.