ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سول اسپتال ڪنڌڪوٽ انتظاميه خلاف اڄ 42هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال، ڪنهن نوٽيس نه ورتو


ڪنڌڪوٽ (پ ر )ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اڄ 42هين ڏينهن به ضلع پيربخش بھلڪاڻي ديدار علي سبزوئي، امداد کوسو، قمرالدين سھرياڻي معشوق ڀيو، اصغر سبزوئي نورحسن سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال جاري، ڊي سي ڪشمور سميت اعليٰ آفيسرن نوٽيس نه ورتو، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايم ايس نظير اعواڻ تي ڪرپشن ڪيس داخل هئڻ باوجود هو ايم ايس ڪنڌڪوٽ مقرر آھي، نظير اعواڻ وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ مصروف آھي، ڇتي ڪتي جا ڏاڙھيل مريض تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا پر کين ويڪسينون نه ٿيون ملن، هنن چيو ته اسپتال ۾ لکين روپين جون ڊائيلاسز مشينون موجود آھن پر انهن کي استعمال نه ٿو ڪيو وڃي، اسپتال ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر پروائيٽ ڪلينڪون هلائڻ ۾ مصروف آھن، جڏھن ته ايمرجنسي وارڊ ۾ به ڊاڪٽرن بجاءِ پٽيوالا مريضن جي ملم پٽي ڪندا آھن، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان، صحت کاتي سنڌ، ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کي لکت ۾ به ڏنو آھي پر تنهن هوندي به ڪنھن نوٽيس ناهي ورتو، اسان صحت کاتي سنڌ جي وزير عذرا پيچوهو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ راجا طارق حسين چانڊيو ۽ ٻين کان مطالبو ڪريون ٿا ته نوٽيس وٺي ايم ايس نظير اعواڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Comments

Popular posts from this blog

ڀان سيد آباد ۾ ڪارنهن الزام ۾ هڪ ٻئي حوا ڄائي بيدردي سان قتل

شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي امله ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 33هين ورسي ملهائي وئي