ڀان سيد آباد ۾ ڪارنهن الزام ۾ هڪ ٻئي حوا ڄائي بيدردي سان قتل


ڀان سيدآباد(رپورٽر) ڀان ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ حوا جي نياڻي  کي ڪهاڙيون کڻي قتل ڪيو ويو آهي . علائقي  ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته نوجوان ناري کي  پنهنجي ئي برادري جي هڪ نوجوان سان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي 
ٻڌايو پيو وڃي ته شاهاڻي برادري جي هڪ شخص پنهنجي ڪنواري ڌي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ  ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو جنهن جو لاش ڪاڇي جي شهر  ڇني ۾ رات جي پيٽ ۾ دفنايو ويو 
ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ڀان ٿاڻي جي پوليس نياڻي جي خون جو لکين رپين ۾  سودو ڪندي  نياڻي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بجاء ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان ۽ سندس وارثن مٿان نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو آهي 
سنڌ جي ساڃاھ وندن ، انساني حقن لاء ڪم ڪندڙ ادارن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پرچار ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن کي منهنجي اهيا اپيل آهي ته هن معاملي جو جانچ ڪرائي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ پوليس سميت ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. آصف جمالي

Comments

Post a Comment