شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي امله ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 33هين ورسي ملهائي وئي


شيخ ڀرڪيو(رپورٽر) شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي امله ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 33هين ورسي ملهائي وئي.ورسي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ دعا گهري وئي.ورسي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب جي صدر ايڊووڪيٽ عباس ٿهيم , جنرل سيڪريٽري غلام مصطفئ ڪاتيار , ايس ٽي پي اڳواڻ اورنگزيب شيخ , ايم اشرف عمراڻي , جان محمد خاصخيلي , سلام الله ٿهيم , اي ڊي شاهاڻي ,حسين بخش ٿهيم , جنيد حاڪم خاصخيلي , عاشق علي ٿهيم , رضوان شيخ , نادر ٿهيم , بابو وساڻ , نم سنڌي , راجو ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان جي ڌرتي جو بي باڪ ۽ جاکوڙي ڪردار هو.جنهن ڌرتي جي غريبن لاءِ هر موڙ تي عملي ڪم ڪيو.ڪامريڊ صحافي , وڪيل , سماجي ورڪر , جج توڙي هاري اڳواڻ ٿي عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو.هن دور ۾ وڏين مشڪلاتن باوجود غريبن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي پنهنجو نالو سنهري اکرن ۾ لکرايو.هنن چيو ته جن ماڻهن مخلتف مورچن تي اڳيان اچي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪيو هجي انهن جي لسٽ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو نالو سرفهرست آهي.هنن چيو ته پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي مير نادر علي ابڙو ۽ زاهده تاج ابڙو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو پيغام گهر گهر پهچائي رهيا آهن انهن جو ساراه جوڳو آهي.هنن چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙن هڏڏوکي ۽ نفيس انسانن جو خال رهجي ويو آهي.هنن چيو ته لکيل پڙهيل طبقي کي گهرجي ته اهڙن مها انسانن جي سوانح حيات بابت معلومات گڏ ڪري پنهنجي قوم کي روشني جي راه تي هلڻ سيکارين.

Comments

  1. This is a excellent blog, would you be involved in doing an interview about just how you designed it? If so e-mail me!

    Sindh news
    Daily sindhi news
    Sindhi Breaking News
    https://onlineindus.com/Sindhi/

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

حيدرآباد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٽي اي او ۽ ٻين تقريرن ۾ ڀرتي لاءِ ڏنل اشتهار خلاف احتجاج

ایس ٽي پي سکر پاران رحمان کوسو تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو