ڄام نواز علي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڱ، ڌرڻو، روڊ بنڊ
ڄام نوازعلي (رپورٽر) ٻيراڻي مين روڊ لڳ ڳوٺ سهڻي ڊوروتي بي سيڪشن پوليس جي چڙهائي ڪري 16 سالا محبوب خاصخيلي جي گرفتاري خلاف خاصخيلي برادري جو ڌرڻو مين روڊ ٽي ڪلاڪ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي سائين بخش خاصخيلي، يارو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ بي سيڪشن پوليس خلاف سهڻي ڍوري وٽ ٻيراڻي مين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري بي سيڪشن پوليس خلاف ڇٽي نعري بازي ڪئي انهن وڌيڪ چيو ته پوليس بينگاھ 16 سالا محبوب خاصخيلي کي سخت مارڪٽ ڪري کڻي وئي انهن وڌيڪ چيو ته جيستائين نوجوان کي بي سيڪشن پوليس آزاد نه ڪندي اوسين تائين روڊ بلاڪ رهندو روڊ بلاڪ هئيڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳيون ويون جنهن سان عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو ٻئي طرف ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي ۽ ايس ايڇ او ٻيراڻي نبي بخش لاشاري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو مظاهرين کي يقين ڏياريو ته بيگناھ تنگ ڪندڙ پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي جنهن به بعد روڊ کوليو ويو.
Comments
Post a Comment