Posts

شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي امله ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 33هين ورسي ملهائي وئي

Image
شيخ ڀرڪيو(رپورٽر) شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي امله ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 33هين ورسي ملهائي وئي.ورسي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ دعا گهري وئي.ورسي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب جي صدر ايڊووڪيٽ عباس ٿهيم , جنرل سيڪريٽري غلام مصطفئ ڪاتيار , ايس ٽي پي اڳواڻ اورنگزيب شيخ , ايم اشرف عمراڻي , جان محمد خاصخيلي , سلام الله ٿهيم , اي ڊي شاهاڻي ,حسين بخش ٿهيم , جنيد حاڪم خاصخيلي , عاشق علي ٿهيم , رضوان شيخ , نادر ٿهيم , بابو وساڻ , نم سنڌي , راجو ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان جي ڌرتي جو بي باڪ ۽ جاکوڙي ڪردار هو.جنهن ڌرتي جي غريبن لاءِ هر موڙ تي عملي ڪم ڪيو.ڪامريڊ صحافي , وڪيل , سماجي ورڪر , جج توڙي هاري اڳواڻ ٿي عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو.هن دور ۾ وڏين مشڪلاتن باوجود غريبن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي پنهنجو نالو سنهري اکرن ۾ لکرايو.هنن چيو ته جن ماڻهن مخلتف مورچن تي اڳيان اچي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪيو هجي انهن جي لسٽ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو نالو سرفهرست آهي.هنن چيو ته پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي مير نادر علي ابڙو ۽ زاهده تاج ابڙو ڪ

مٽياري جي شاگردن جي مان تقريب

Image
مٽياري( رپورٽ ) مٽياري ويجهو شاهپور درپور جي هاء اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي مان ۾ فارويل پارٽي جو احتمام ڪيو ويو پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف خاڪه ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪري داد ماڻيو پروگرام جا مهمان خاص زين العابدين لغاري ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪولز حيدرآباد هئا جڏهن ته مهمانن ۾ سيد فضيل حبيب شاھ. حاجي يوسف خاصخيلي. ذوالفقار کٽياڻ. ڀورو مل. سيد عبدالقادر شاھ. غلام محمد ڳاهو. علي شير ٽڳڙ ۽ محمد قاسم ڏيٿو هئا پروگرام ۾ اسڪول جي شاگردن چندر. سني. ڪومل. رقيه. شازيه. آذان علي ۽ ٻين مختلف خاڪه. ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪري داد وصول ڪيو پروگرام ۾ خطاب ڪندي اسڪول جي ايس ايم سي جي چيئرمين اسڪول جي مسئلن بابت آگاهي ڏني هن جو چوڻ هو ته شاهپور شهر جهڙي هيڏي وڏي شهر ۾ ڪو گرلس هاء اسڪول ناهي جنهن سبب اسان بوائز اسڪول ۾ ڪو ايجوڪيشن جو سسٽم شروع ڪيو ٻهراڙي جي ماحول سبب ڪافي مشڪلاتن باوجود اسان ان کي جاري رکيو اچون هن چيو ته اسان کي گرلس هاء اسڪول جي تمام گهڻي ضرورت آهي هن چيو ته اسان جي هاء اسڪول ۾ واش روم جي سهولت ناهي جنهن سبب اسان جو شاگردياڻيون ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن جڏهن ته اسان

ڀان سيد آباد ۾ ڪارنهن الزام ۾ هڪ ٻئي حوا ڄائي بيدردي سان قتل

Image
ڀان سيدآباد(رپورٽر) ڀان ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ حوا جي نياڻي  کي ڪهاڙيون کڻي قتل ڪيو ويو آهي . علائقي  ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته نوجوان ناري کي  پنهنجي ئي برادري جي هڪ نوجوان سان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي  ٻڌايو پيو وڃي ته شاهاڻي برادري جي هڪ شخص پنهنجي ڪنواري ڌي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ  ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو جنهن جو لاش ڪاڇي جي شهر  ڇني ۾ رات جي پيٽ ۾ دفنايو ويو  ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ڀان ٿاڻي جي پوليس نياڻي جي خون جو لکين رپين ۾  سودو ڪندي  نياڻي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بجاء ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان ۽ سندس وارثن مٿان نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو آهي  سنڌ جي ساڃاھ وندن ، انساني حقن لاء ڪم ڪندڙ ادارن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پرچار ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن کي منهنجي اهيا اپيل آهي ته هن معاملي جو جانچ ڪرائي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ پوليس سميت ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. آصف جمالي

خانواهڻ شھر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ڪاروبار متاثر عوام پريشان شھري اتحاد پاران سيپڪو عملدارن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان

خانواهڻ (رپورٽر) خانواهڻ شھر ۾  هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ڪاروبار متاثر عوام پريشان شھري اتحاد پاران سيپڪو عملدارن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان. خبر موجب ضلعي نوشهرو فيروز جي ڪاروباري شھر خانواھڻ ۾ روزانو 20 کان 22 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار متاثر گھرن مسجدن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب عوام پريشان خانواهڻ فيڊر جي ايل ايس ايس ڊي او ۽ نوشهروفيروز ڊويزن جي سيپڪو عملدارن پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شڪايتن جو تدارڪ نہ ٿيڻ تي خانواھڻ شھري اتحاد جي اڳواڻن منظور احمد عباسي سيد عاشق علي شاه عبدالحفيظ سهتو غلام نبي سولنگي عبدالجبار ڪونڌر ۽ بشير احمد ڀٽي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ خانواھڻ فيڊر جي ايل ايس ۽ سيپڪو عملدارن جي ملي ڀڳت سان خانواھڻ شھر ۾ روزانو 20 کان 22 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي خانواھڻ شھر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف ڪافي دفعا سيپڪو اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن ڪو بہ تدارڪ نہ ٿو ڪيو وڃي اڳواڻن وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو تہ خانواھڻ شھر مان هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم نہ ٿيڻ جي صورت ۾ جلد سيپڪو اختيارين خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.   

حيدرآباد بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان جو شيڊيول جاري

Image
حيدرآباد (تعليمي ڊيسڪ) حيدرآباد بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان2019 جو ٽائم ٽيبل جاري پھريون پيپر 25 مارچ 2019 تي ٿيندو.

شاگردن_لاءِ_خوشخبري

Image
سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ جيڪي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. انهن لاءِ يونيورسٽي ۾ مفت پڙهائي حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل آئيني درخواست نمبر 2013/2248 تي سنڌ هائي ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ۽ عشر زڪوات اداري کي سنڌ هائي ڪورٽ سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي تہ اهڙن سمورن شاگردن کي جيڪي غريب گھراڻي سان تعلق رکن ٿا انهن جي تعليم جو سمورو خرچ عشر ۽ زڪوات ڀريندي، کين وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو تہ 3 مهينن ۾ شاگردن جي لاءِ انٽرنيٽ تي ويبسائيٽ ٺاهي وڃي، تہ جئين سنڌ جي سمورن غريب گهرن سان تعلق رکندڙ شاگرد سرڪار طرفان تعليم لاءِ ڏنل وضيفو حاصل ڪري سگهن. انهيءَ ڪيس ۾ اها ڳالھ بہ مڃي وئي تہ ڪاليج سائيڊ ۾ ٿيندڙ بي اي، ايم اي، بي ايس سي، بي ايڊ، ايم ايڊ سميت سمورين امتحانن جي فيس بہ عشر ۽ زڪوات ادارو ڀريندو. اهڙا نوجوان جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا پر مالي مشڪلات جي ڪري سندن تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب اڌورو رهجيو وڃي انهن جو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جو خواب هاڻي پورو ٿيندو. اهو بہ سرڪاري خرچ تي. عشر ۽ زڪوات اداري کان اهڙا فارم جنهن جي ذريعي پڙهائي جو خرچ حاصل ڪري سگهبو اهي هائي ڪورٽ ذريعي حاصل ڪيا ويا آهن. جيڪي توها

برسات ڪاڇي واسين جا اهنج وڌائي ڇڏيا

Image
ٽنڊورحيم خان(رپورٽر) برسات ختم ٿي وئي پر ڪاڇي واسين جون تڪليفون ختم نه ٿيون,برسات بعد ڪاڇي جي جابلو پٺي کان وهي آيل نئين انگئي نئين نئنگ ,گاج سميت مختلف نيون وهي اچڻ سبب ڪاڇي جي 10 کان مٿي ڳوٺن جا رستا اڃيان تائين بحال ٿي نه سگهيا, جنهن ڪري ڪاڇي جي مختلف يونين ڪائونسل ٽنڊورحيم خان, ساوڙو ۽ ڇني , شاه حسن جي مختلف ڳوٺن جو جوهي دادو کان زميني رابطو ڪٽيل آھي,جڏهن ته ساوڙو, عمر بزدار سجاول آلکاڻي سميت مختلف ڳوٺن جا  معصوم ٻارڙا سخت سيءۡ ۾ به نئين جو پاڻي ڪراس ڪري اسڪول وڃڻ تي مجبور آھن, ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب ڪاڇي هن جديد دور ۾ به روڊ رستن جي سهولتن کان محروم آھي هنن چيو ته ڪاغذي ڪارواين ۾ ڪاڇي جا روڊ رستا ظاهر ڪري ڪروڙين روپيه هڙپ ڪيا وڃنن ٿا پر ڪاڇي جي اصل حالت هي آھي جو معصوم ٻارن کي به نئين جو پاڻي ڪراس ڪري اسڪول وڃڻو پئجي رهيو آھي ڳوٺاڻن وس وارن اختيارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پاڻي هيٺ آيل رستن کي فوري طور بحال ڪرائي ڪاڇي واسين جي پريشاني ختم ڪرائي وڃي